پنج ڏينهن اڳ زيادتي کانپوء قتل ٿيل نياڻي مونيڪا جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف شھري اتحاد پير جوڳوٺ پاران پرامن ريلي ڪڍي وئي ـ جنهن جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ سيد ابوبڪر شاھ راشدي ـ سر عبدالرزاق خلجي ـ امتياز علي ميمن پاڪستان راھ حق پارٽي ۽ مولوي عنايت الله گلال ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هو مونيڪا جي قاتلن جي فوري گرفتاري چاهين ٿا، هنن چيو ته پيرجو ڳوٺ ۾ امن جوپکي اڏامي ويو آهي ، پوليس علائقي ۾ امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ، هنن آءِ جي ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پيرجو ڳوٺ ۾ امن بحال ڪرائي معصوم نياڻي جي قاتلن کي انهن جي انجام تائين پهچايو وڃي .
رپورٽ- عبيد الله ڌاريجو