سرحد ۽ ڌاٻيجي ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جون تقريبون ۽مشعل بردار ريليون

جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جي موقعي تي سرحد ۽ ڌاٻيجي ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا ۽ مشعل بردار ريلي پڻ ڪڍي وئي، سرحد ۾  جسقم پاران سرحد جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين، زاهد خان کوسو، جليل لکڻ، فيض کوسو، محبوب گهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ صوفي فنڪارن ۽ سازندن قومي ۽ صوفي گيت پڻ ڳايا، مشعل بردار ريلي سرحد شھر جي مختلف علائقن کي ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي، سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ڌاٻيجي ۾ سائين جي ايم سيد ۽ شھيد مشتاق احمد خاصخيلي جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ جسقم هاوس ۾ ڪاٽي مشعل بردار  ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وائيس چئيرمين سرور خشڪ ،نظام جوکيو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته 17جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرو سن ۾ ملهائي ويندي جنهن ۾ لکين ڌرتي ڌڻي شرڪت ڪندا .

رپورٽ- اعجاز دايو/مقصود جوکيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.