دبئي: جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره  تقريب

هر سال وانگر  هن سال به دبئي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره  ملهائي وئي. سالگره تقريب جو ڪيڪ سنڌي ائسوسيشن آف يو اي اي جي چيف آرگنائيزر ماجد حيدري, سي اي سي ميمبر نادر سولنگي ,محراب سومرو, چاچا الله نواز ميمڻ, جاويد ڪوريجو,عباس ڪوريجو, ۽ ٻين پاران ڪاٽيو ويو.  نادر سولنگي پاران آجياڻو  پيش ڪيو ويو جڏهن ته ڪامريڊ ارشاد ۽ منور بڙدي قومي شاعري ٻڌائي . تقريب ۾ نئين ٽهي جي ليکڪ عباس ڪوريجو سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سائين جو ادبي پورهيو وسارڻ جوڳو ناهي ،صدراتي تقرير ڪندي ماجد حيدري چيو ته  سائين جي ايم سيد گهڻ پاسائي شخصيت آهي جنهن جو سنڌ اندر علمي, ادبي , سياسي, سماجي ۽ سياحتي پورهيو آهي جنهن کي هر سال سنڌ سميت پرڏيهھ ۾ خراج پيش ڪيو وڃي ٿو، تقريب  ۾ بادشاه لغاري, رميش ڪولهي,صوفي خليل, رزاق سيال,لطف سانگي, قيوم چنا, عامر چانڊيو, شڪيل بڙدي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.