وزير اعظم عمران خان سينيٽ چونڊن لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سينيٽ چونڊن جي لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.

ان حوالي سان عمران خان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي خاص ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي فون ڪري هن سان گڏ سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون ڪيون.

عمران خان پنجاب جي وڏي وزير سان گڏجي سينيٽ حڪمت عملي لاءِ پرويز الاهي کي ٽاسڪ ڏنو ويو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته چوڌري پرويز الاهي ۽ وڏو وزير گڏيل مشاورت سان پنجاب ۾ حڪمت عملي اختيار ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.