مچ سانحو: بلوچستان اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ مچ سانحي جي حوالي سان مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.

بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مچ سانحي جي حوالي سان مذمتي ٺهراءُ حڪومتي ميمبر قادر علي نائل پيش ڪيو.

قادر علي نائل ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته اسان جي قوم کي خاص طور تي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اسان هاڻ وڌيڪ لاش نٿا کڻي سگهون.

صوبائي وزير ظهور بليدي چيو ته مچ ۾ شهيد ٿيندڙن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مذمتي ٺهراءَ جي حمايت ڪيون ٿا جڏهن ته راندين واري صوبائي وزير خالق هزاره به چيو ته مذمتي ٺهراءَ کي منظور ڪيو وڃي.

بعد ۾ مچ سانحي جي حوالي سان مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ ملڪ سڪندر ايڊووڪيٽ چيو ته مسئلا حل نه ٿيڻ جي ڪري عوام مايوس ٿي ويو آهي، صوبي ۾ امن امان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيا وڃن جڏهن ته ماضي ۾ صوبي جي روايتن جي ڪري امن امان جي صورتحال بهتر رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.