ڪنڊيارو ڀرسان 25 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي ڪبير گهانگهرو ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن 25 ورهين جي نوجوان   اياز علي گهانگهرو پٽ گل محمد گهانگهرو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش ڳوٺ ڀرسان زمين ۾ پيل مليو۔ اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو پوليس پهچي وارثن جي موجودگي ۾ لاش سول اسپتال ڪنڊيارو پهچايو۔ ڪنڊيارو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو۔ پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن جي فرياد ۽ جاچ مطابق ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو۔

رپورٽ-ايف اي گهانگهرو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.