اسٽيل مل مان جبري برطرف ڪيل پورهيتن جو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ اسٽيل مل جي چيئرمين هائوس آڏو ڌرڻو جاري آھي ، جسقم چيئرمين صنعان قريشي اسٽيل ملز پورهيتن جي ڌرڻي ۾ انهن سان ٻڌي جي اظهار لاءِپهچي ويو ، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته وفاقي حڪومت ظلم ۽ زيادتي جي انتها ڪندي ساڊا چار هزار پورهيتن کي جبري برطرف ڪري پورهيتن جو معاشي قتلام ڪيو آھي۔ ، هن چيو ته جسقم اسٽيل ملز جي مظلوم پورهيتن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي.
رپورٽ- جميل چانڊيو