ڀان سيدآباد ويجهو فائرنگ جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ سائينداد وٽ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن پاران نوجوان عرفان علي ڀنڊ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار 10 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا ، متاثرن پاران زخمي عرفان علي ڀنڊ، غلام قادر ڀنڊ، رمضان ڀنڊ، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي عرفان ڀنڊ ۽ شاهده ڀنڊ ٻڌايو ته هو پاڻ ۾ ماسات آهن ، انهن  پنهنجي پسند سان شادي ڪئي  جنهن ۾ انهن  جا والدين به راضي آهن پر ڪجهه شرپسند عزيز انهن کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا،

هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته انهن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

رپورٽ-آدم مينگل

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.