ملڪ جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

جده(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس ماءُ جي ڄمار 100 ورهيه هئي.

اي پي ايم ايل موجب پارٽي سربراهه ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي ماءُ دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، پرويز مشرف بيمار آهي ان ڪري هن جو پاڪستان اچڻ ڏکيو آهي.

پارٽي جي اهم اڳواڻ جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته سندس ماءُ جي تدفين دبئي ۾ ئي ٿئي پر پاڪستان ميت آڻڻ جو فيصلو پرويز مشرف ئي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.