”هاڻ معافي گهرڻ وقت مريم اورنگزيب جو نه پر توهان جو آهي“

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته معافي مريم اورنگزيب نه گهرندي، هاڻ توهان جي معافي گهرڻ جو وقت آهي.

راولپنڊي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فارن فنڊنگ تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، توهان به جواب ڏيو.

هن چيو ته فضل الرحمان لانگ مارچ پنڊي ڏانهن ڪرڻ جو چيو آهي، فيصلو ناهي ڪيو، لانگ مارچ جي مقام جو فيصلو سڀني جي مشاورت سان ٿيندو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته مريم نواز پنڊي جي ڪنهن مقام کان ڪارڪنن سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچندي، جڏهن اسان جلسن جو آعاز ڪيو هو ته هنن چيو هي جلسا نٿا ڪري سگهن.

هن جو چوڻ هو ته اسان جلسا ڪري ڏيکاريا ۽ عوام به ڀرپور پذيرائي ڪئي، لانگ مارچ ۾ مريم نواز جي قيادت ۾ سڄو پنجاب هلندو.

هن چيو ته لانگ مارچ ۽ استعيفائن جو آپشن آهي اهڙي طرح تحريڪ عدم اعتماد به آپشن آهي، هر قيمت تي پروپيگنڊه تي قائم حڪومت ڪيرائينداسين.

هن چيو ته 19 جنوري کان اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج ۾ سڄي پنجاب جا ڪارڪن گڏ ڪنداسين، انصاف جي اميد هجي ته اسان پٽيشن داخل ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پٽيشن جو به حال قاضي فائز عيسيٰ جي پٽيشن جهڙو ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.