”پي ٽي آءِ جو نالو پاڪستان تحريڪ انتقام رکڻ تي مجبور آهيان“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي غلط پاليسين جي ڪري عوام پريشان آهي، پي ٽي آءِ جو نالو پاڪستان تحريڪ انتقام رکڻ تي مجبور آهيان.

بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري امڪان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خطرناڪ فيصلو ۽ عوام تي بم ثابت ٿيندو، جيڪڏهن 11 رپيا پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ٿيندي ته هر شئي جي قيمت ۾واڌ ٿيندي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته مهانگائي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ بيروزگاري عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، 11 رپيا واڌ ڪري وزير اعظم عمران خان عوام جو استحصال ڪنداسين، ڄاڻي واڻي واڌو قيمتون رکڻ جي تجويز ڏني ويندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عوام باشعور آهي سڀ ڄاڻن ٿا هن جي ڏکيائين ۾ واڌ نه ڪيو، اوگرا جي سفارش کي مڪمل طور رد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته هن کي خبر ئي ناهي ته ڪم ڪهڙي طرح ٿيندو آهي، 100 رپين جو چئي 50 رپين جو واڌ وجهندا آهن.

هن حڪومتي وزيرن جي بيانن ۽ ڪورونا وائرس ويڪسين بابت ڳالهائيندي چيو ته وفاقي وزيرن جو اعتراف آهي ته اڃان تائين ڪووڊ ويڪسين جي آرڊر ناهن ڏنا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.