نالائقن ۽ نااهلن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ملڪ تي کِلي پئي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائقن ۽ نااهلن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ملڪ تي کِلي پئي.

ملائيشيا ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جو جهاز ضبط ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته نالائقن ۽ نااهلن جي ڪري اڄ ملڪ تي دنيا پئي کِلي.

هن چيو ته ڪڏهن عالمي پابنديون ٿيون لڳن، ڪڏهن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جا اثاثا منجمند ٿا ٿين ۽ ڪڏهن قومي ايئر لائن جو جهاز ضبط ٿو ٿئي.

ن ليگي ترجمان چيو ته انهن نالائقن ۽ نااهلن کي شرم اچڻ گهرجي، جن جي ڪري اڄ ملڪ تي دنيا پئي کِلي.

مريم اونگزيب سوال ڪيو ته ڇا عمران خان کي پرڏيهي فنڊنگ، ملڪ تي عالمي پابنديون هڻائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي؟

هن سوال ڪيو ته ڇا عمران خان کي پرڏيهي فنڊنگ، معيشت تباهه ۽ عوام کي بيروزگار ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي؟

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ ڪنهن تي ٿيڻ گهرج ؟ ڇا اِها دعويٰ عمران صاحب ۽ موجوده نالائقن، نااهل ۽ چور ٽولي تي نه ٿيڻ گهرجي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.