اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملائيشيا ۾ پاڪستاني جهاز کي روڪڻ واري معاملي تي هاءِ ڪميشن لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب مسافرن جي لاءِ متبادل بندوبست ڪيو ويو آهي، مسافرن ڪوالالمپور مان اڄ رات روانا ٿيندا.
خيال رهي ته پي آءِ جي اڏام پي ڪي 895 ڪراچي کان اڄ ڪوالالمپور پهتي هئي جتي هن کي ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي قبضي ۾ ورتو ويو هو.