”انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻيل پوليس اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف جي فراهمي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل پوليس اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو جتي جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

آءِ جي پنجاب انعام غني وزير اعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني. پوليس اسٽيشن جي مالي خودمختاري ۽ مصالحتي ڪونسل جي ميڪنزم جي حوالي سان آءِ جي پنجاب جون تجويز ڪيل تجويزون وڏي وزير کي پيش ڪيون ويون.

وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ماڻهو توهان مان تڏهن مطمئن ٿيندا جڏهن سڀني سان هڪ جهڙو ۽ قانون جي موجب سلوڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.