ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 45 ڄڻا فوت، 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 45 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 359 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ -19 ٽيسٽن جو انگ 72 لک 84 هزار 900 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 417 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 5 لک 14 هزار 338 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سنڌ ۾ 2 لک 31 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 47 هزار 953، خيبرپختونخواهه ۾ 62 هزار 719، اسلام آباد ۾ 39 هزار 749، بلوچستان ۾ 18 هزار 515، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 567 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ:

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 169 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 45 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو انگ گڏيل طور 10 هزار 863 ٿي ويو آهي.

صحتياب مريضن جو انگ:

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 720 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 69 هزار 306 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.