”نيب کي ڪاروبار کان پري رکڻ پوندو نه ته ته ملڪ ۾ واپار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب منهنجي درخواست تي ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، آئون اِها جنگ وڙهي رهيو آهيان ته نيب جو مقابلو واپار سان نه ٿيڻ گهرجي.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته عجيب ماحول آهي جو 29 ڊسمبر تي نيب بورڊ خبر جاري ڪري ٿو ته  فلاڻي شخص خلاف ريفرنس فائل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن هنن سان رابطو ڪيون ٿا ته چون ٿا ريفرنس فائل ئي ناهي ڪيو.

هن ٻڌايو ته مون کي ريفرنس جي ڪاپي ملي وئي آهي ۽ آئون چاهيان ٿو ته اوپن ٽرائل ٿئي.

سندس چوڻ هو ته ايف بي آرکي اسان وڏي ڏکيائي سان ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽنس ۾ گهڙڻ کان روڪيو، اڄ اُهو ئي ڪم نيب پيو ڪري.

هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ مغوي ٿي چڪي آهي ۽ هو چوي ٿي ته  اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون ڇو ته نيب مان پيغام آيو آهي ته اسان کي تفصيل موڪلڻي آهي.

سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ان ڄاڻ جو غلط استعمال ٿيو ته اسان جا ٻطرفا معاهدا خطري ۾ پئجي ويندا، حفيظ شيخ صاحب کان درخواست ڪندس ته هن ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ ان کي روڪن.

هن چيو ته آئون پنهنجي جدوجهد جاري رکندس ته نيب کي واپار کان پري رکان نه ته ملڪ ۾ واپار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب جي ماڻهن کي گهرائڻ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي، نيب جي ڊي جي عرفان منگي صاحب جا ٻار ٻاهر رهن ٿا، اسان هن کان سوال ڇو نٿا ڪري سگهون، جيستائين نيب وارا پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪندا اِها جدوجهد جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.