پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي مريم نواز جي سخت تنقيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) نئين سال جي پهرين ئي مهيني ۾ ٻيهر پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سخت تنقيد ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ مريم چيو ته هن ئي مهيني ٻيون ڀيرو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، هر روز مهانگا جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام تي هڪ ٻيون عذاب مڙهيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته توهان کان پڇون ٿا ته مخالف ڌر ڇا ٿي چاهي؟ مخالف ڌر عوام کي توهان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ٿي چاهي، ڇا اسان گهر ويهي عوام تي ظلم ڏسندا رهون؟ ائين نه ٿيندو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.