مقصودو رند(ن ع آ ) مقصودورند لڳ ڳوٺ غلام محمد ڇٽو لڳ هاشم شاھ تي چوري جي ارادي سان ڳوٺ ۾ داخل ٿيل چورن کي ڳوٺاڻن گهيري ورتو ٽي چور ڳوٺاڻن کي چڪمو ڏيئي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ۽ هڪ چور نالي نصير بروهي کي ڳوٺاڻن پڪڙ ي ورتو سخت مارڪٽ بعد کيس درياھ خان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو خبر موجب گذريل رات مقصودورند لڳ ڳوٺ غلام محمد ڇٽو ۾ نامعلوم 3 چورن چوري جي ارادي سان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺ جا ڳوٺاڻا جاڳي پيا ۽ انهن چوري جي ارادي سان داخل ٿيل ٽن چورن کي پڪڙيو پر ٻه چور ڳوٺاڻن کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته ٽين چور جن جي سڃاڻپ نصير بروهي جي نالي سان ٿي آهي جنهن کي ڳوٺاڻن پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد مقصودورند جي درياخان پوليس حوالي ڪيو.