تنگواڻي ڀرسان عورت پر اسرار نموني فوت، مڙس ۽ ڏيرن تي قتل جو الزام

تنگواڻي/ غوثپور (نمائندن وٽان ) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير  حسن جعفري ۾ مبينا زهر ڏئي عورت مسمات پري زال مکڻو جعفري کي قتل ڪيوويو،ناري جي پيءُ شاهہ دوست ننداوڻي الزام هڻندي چيو تہ هُن جي نياڻي عيوض گُهرڻ واري هلندڙ تڪرار تان زهر ڏئي قتل ڪيوويو، هُن چيو تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي انصاف ڪيووڃي، هوڏانهن عورت 2 سال اڳ 4 لک روپيا روڪ ۽ هڪ سنک عيوض مکڻو جعفري سان پرڻايو ويو، جمال پوليس لاش هٿ ڪري تنگواڻي ۽ ڪرمپور اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نہ هجڻ سبب ڪنڌڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء منتقل ڪيو،مقتول ناري هڪ پٽ جو اولاد پڻ هو، جڏهن تہ ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ آئي ۽ نہ ئي ڪيس داخل ٿي سگهيو،    ٻئي پاسي مقتولا ناري جو چاچو لکمير نندواڻي جمال  ٿاڻي تي پهچي فوت ٿي ويل عورت پري خاتون جي مڙس مکهڻو جعفري ۽ مقتولا جي ڏيرن مٿان تشدد ڪري زهر ڏيئي قتل ڪرڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ مقتولا پري مٿان مڙس سخت تشدد ڪيو هو جنهن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جيڪا اسپتال ۾ زيري  علاج هيٺ هئي جٿي  زخمن جا سور نه سهندي مڙس هٿان  تشدد جي شڪار ٿيل  پري خاتون لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي آهي لاش پهچڻ تي جمال پوليس پوسٽ مارٽم ڪنڌڪوٽ سول اسپتال اماڻيو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪئي وئي,ڊاڪٽرياڻي موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪجه ڏينهن پڌري ڪئي ويندي,لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو,  ٻئي پاسي جمال ٿاڻي  تي مقتولا پري جي ور  مکهڻو جعفري ۽ مقتولا جي ڏيرن مٿان  اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي مقتولا جي چاچي  لکمير نندواڻي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀائٽي کي اڳ به مڙس ۽ ڏير  مسلسل  تشدد ڪندا هئا جنهن ڪري هنن تشدد ڪري زهر ڏيئي منهنجي ڀائٽي کي  قتل ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.