ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀر سان تاجا شاخ وٽ نامعلوم ھٿيابندن رستي ويندڙ مخيار احمد ملغاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي ڄنگهھ ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو, ڦورو فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي واري ھنڌ ڳوٺاڻن پھچي ڪري مختيار احمد ملغاڻي کي زخمي حالت ۾ کڻي تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو پھچايو، جتي زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي, جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي اسپتال روانو ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.