برطانوي پارليامينٽ والاريل ڪشمير ۾ قتل عام جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پارليامينٽ والاريل ڪشمير ۾ قتل عام جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ليبر پارٽي جي ميمبر سارا اوون چيو ته ڀارتي فوجي عورتن کي انهن جي دَرن تي هراسان ڪري رهيا آهن، انهن جي عزتن تي حملا ڪري رهيا آهن.

پارليامينٽ ميمبر جيمز ڊيلي بولي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف متحد ٿيڻو پوندو.

جان اسپيلر چيو ته ڀارت ڪشمير جي آبادي جي حيثيت تبديل ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ڀارت جو اندريون معاملو ناهي.

ليبر پارٽي ميمبر ناز شاهه عالمي ادارن، حڪومتن ۽ ليڊرن کان ڀارت کي ڪشميرين جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪيو.

دارالعلوم ۾ والاريل ڪشمير تي بحث ۾ هڪ برطانوي وزير ۽ 10 پارليامينٽ ميمبرن حصو ورتو ۽ والاريل ڪشمير واسين جي بي وسيءَ تي ڳالهايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.