ملير: اسٽيل مل مان برطرف ڪيل پورهيتن جو ڌرڻو جاري، نصرر سحر عباسي جي شرڪت

ملير ۾ پاڪستان اسٽيل مل مان جبري برطرف ڪيل پورهيتن جو چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو جتي نصرت سحر عباسي پهچي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو

پاڪستان اسٽيل مل مان جبري برطرف ڪيل پورهيتن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت سي اي او اسٽيل مل جي گهر آڏو چوٿين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو جتي پورهيتن سان يڪجهتي لاءِ ايم پي اي نصرت سحر عباسي پهتي جتي احتجاج ڪندڙن وفاقي حڪومت ۽ اسٽيل مل انتظاميا خلاف ڇِتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي نصرت سحر عباسي جو چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي جبري برطرف ڪري ظلم ڪيو آهي اهڙي عمل جي پنهنجي پارٽي پاران مذمت ڪريان ٿي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اهڙي زيادتي خلاف قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهيون، عمران حڪومت جي ان عمل خلاف اسان پورهيتن جي هر جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون … ايس او ٽي

نصرت سحر عباسي چيو ته اسٽيل مل جي مزدورن جي بحالي تائين انهن جي جدوجهد ۾ شامل رهنداسين …….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.