ڏهرڪي: ويم کانپوءِ عورت فوت، وارثن جو اسپتال انتظاميه خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ عورت ويم کان پوءِ فوت ٿي وئي جنهن جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ريتي جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊليوري لاءِ آيل منظوران ڪوري ڊليوري ٿيڻ بعد فوت ٿي وئي، عورت جي مڙس علاؤالدين ڪوري احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي گھر واري کي مئل ٻار ڄائو جنهن بعد ان جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن تي ڊاڪٽرياڻي صادق آباد وڃڻ لاءِ چيو پر ريتي اسپتال جي انچارج نصرالله پتافي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي گھر واري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي … ايس او ٽي

ھوڏانھن ڊاڪٽر جو چوڻ ھو ته ايمبولينس ڊرائيور نه هجڻ ڪري نه ڏني  ………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.