اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا وائرس سبب بند تعليمي ادارن جي معاملي تي صلاح مشوري لاءِ تعليم ۽ صحت اختيارين جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
شفقت محمود جي ٽوئيٽ موجب تعليم ۽ صحت جي وزيرن جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
Education and Health Ministers meeting again tomorrow to review the coronavirus situation before students start coming to school. While I desperately want education to continue the final decision will be on health grounds. Students well being will always be a priority
— Shafqat Mahmood (@Shafqat_Mahmood) January 14, 2021
وفاقي وزير چيو ته تعليم کي جاري رکڻ چاهيون ٿا پر حتمي فيصلو صحت جي بنياد تي ڪيو ويندو ۽ شاگردن جي ڀلائي پهرين ترجيح هوندي.