اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو فلم ”زندگي تماشا“ جي آسڪر ايوارڊز ۾ نامزدگي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني پاڪستان اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي فلمساز سرمد کوسٽ جي فلم ”زندگي تماشا“ کي فلمي دنيا جي معتبر ۽ اعليٰ فلمي ايوارڊ آسڪرز لاءِ نامزد ڪيو هو ۽ 2021 ۾ ٿيندڙ آسڪرز ايوارڊز جي تقريب ۾ اها فلم پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
Pakistan’s greatest cultural strength isn’t our diversity (we are diverse), range (lots of it), or style (brimming with it). But that our artists are daring & fearless. I’m proud #ZindagiTamasha is representing us at the 2021 Oscars. The @TheAcademy are lucky to have this film pic.twitter.com/MUS5XJYi4l
— fatima bhutto (@fbhutto) January 14, 2021
فاطمه ڀٽو پاڪستان اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي جي ان فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي مون کي فخر آهي ته فلم ”زندگي تماشا“ 2021 ۾ ٿيندڙ آسڪر ايوارڊز جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي.