گذريل حڪومتن انصاف جي نظام کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته گذريل حڪومتن انصاف جي نظام کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ڪريمينل جسٽس سسٽم  سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ سول پروسيجر ڪوڊ تي عملدرآمد تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت، خيبرپختونخواهه جي قانون واري صوبائي وزير محمود خان ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته سڌاراتي عمل جي حڪمت عملي مرتب ڪرڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪري الڳ الڳ ٽاسڪ فورسون بڻايون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيس جو داخل ٿيڻ، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اسٽيشنز کي جديد ڪرڻ ۽ انهن کي ڪمپيوٽرائز ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اسٽيشنز کي سڌي سنئين منتقلي ۽ اسٽيشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مبضوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ سان ڪيسن جي ڇنڊ ڇاڻ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائز ڪرڻ، پروبيشڻ ۽ پيرول جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي.

قانون واري وزير فروغ نسيم اجلاس کي ٻڌايو ته سڌارن جي حوالي سان سمورا آئيني معاملا حل ڪري سول پروسيجر ڪوڊ کي لاڳو ڪري رهيا آهيون، ان کان سواءِ وزير اعظم کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سڌارن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته هي شعبو بنيادي اهميت تي ٻڌل هوندو آهي ۽ گورننس ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان تي ترجيحي بنيادن تي ڪم يقيني بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.