عوام فيصلو وٺڻ اليڪشن ڪميشن اچي رهيو آهي، تياري ڪري ڇڏيو: مريم اورنگزيب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ تسليم ڪري ڇڏيو ته پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جي مدد سان غير قانوني طريقي سان پئسو آيو ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ 2014 کان ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي فيصلي لاءِ عوام پي ڊي ايم جي قيادت ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن ڏانهن مارچ ڪندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پنڊي سٽي ۽ اسلام آباد جي سطح تي ريلي جي روٽن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، پنڊي ۾ ريلي نواز شريف پارڪ کان شروع ٿيندي، جڏهن ته پي ڊي ايم قيادت ڪشمير چوڪ کان قيادت ڪندي، ن ليگ طرفان مريم نواز اڳواڻي ڪندي.

هن سوال اٿاريو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جون ڪهڙيون مجبوريون آهن؟ ان لاءِ عوام تحريري طور فيصلو وٺڻ لاءِ اسلام آباد اچي رهيو آهي، توهان فيصلو لکڻ جي تياري ڪري ڇڏيو.

مريم اورنگزيب نالو کڻڻ بنا چيو ته هڪ شخص کي ڪالهه تڪليف ٿي ساک کي نقصان پهچڻ جي، انهن جي ساک سمجهه ۾ نٿي اچي جيڪي صبح، منجهند ۽ شام ڪاغذ کڻي ميڊيا ٽرائل ڪندا ۽ ڪوڙا الزام هڻندا آهن.

سندس چوڻ هو ته هڪ آمر چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ معاهدو ڪيو ۽ پاڪستاني ناڻي مان 400 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ۽ هاڻ ان برطانوي ڪمپني سان نئون معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهن.

براڊ شيٽ ڪمپني جي حوالي سان هن چيو ته 2018 کان شهزاد اڪبر، نيب بيورو ۽ هڪ جنرل مسلسل رابطي ۾ آهن، تنهن ڪري ساک کي نقصان پهچائڻ جو نوٽيس ڏيڻ بدران انهن سوالن جا جواب ڏيو، براڊ شيٽ سان معاهدي بابت ڊرافٽ عوام سامهون پيش ڪيو وڃي.

ن ليگ ترجمان دعويٰ ڪئي ته صدر عارف علوي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جون چيڪن تي صحيحون موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.