ايڇ ٽي سي جو مڊ رينج 5 جي اسمارٽ فون پيش

هڪڙو زمانو هو جڏهن ايڇ ٽي سي اسمارٽ فونز لاءِ مقبول ڪمپني هئي پر هاڻ اُها ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز ناهي رهي.

هاڻ ڪافي عرصي کان پوءِ ايڇ ٽي سي خاموشي سان هڪ مڊ رينج 5 جي اسمارٽ فون ڊيزائر 21 پرو پيش ڪيو آهي.

ڪمپني جي ويب سائيٽ تي فون جا فيچرز ڏنا ويا جڏهن ته قيمت جي باري ۾ به ٻڌايو ويو.

ڊيزائر 21 پرو 5 جي۾ 6.7 انچن جو آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايڇ ڊي آر 10 سپورٽ سان گڏ آهي.

فون جي اندر اسنيپ ڊراگون 690 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگهجي ٿي.

فون جي اندر 5000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جيڪا ڪيو سي 4.0 پلس فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪر يٿي جيڪا 18 واٽ جي آهي.

اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم سان ليس ان فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ انفارميشن ڪيمرا موجود آهي.

فون جي فرنٽ تي پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

هي فون تائيوان ۾ پري آرڊر ۾ موجود آهي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ ان جي موجودگي جي حوالي سان ڪمپني في الحال ڪو اعلان ناهي ڪيو.

هي فون 430 ڊالر (69 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.