”فواد چوڌري ۽ مفتي پوپلزئي کي گڏ کڻي هلنداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمادي الثاني جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ نئين چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو.

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ۽ زونل ڪميٽين جي اجلاس ۾ جمادي الثاني جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته هڪ ڏينهن تي روزي ۽ هڪ ڏينهن عيد تي قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سائنس کان به مدد وٺنداسين پر فيصلو شريعت ۽ شهادتن جي بنياد تي ڪنداسين. مفتي شهاب الدين ۽ فواد چوڌري ٻنهي کي گڏ کڻي هلنداسين.

مذهبي معاملن واري وزارت ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس به لاڳاپيل ڪميٽين ۾ ٿيا اجلاس سان ڳالهائيندي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته جمادي الثاني جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. هن چيو ته سمورن عالمن کي گڏ کڻي هلنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته مفتي شهاب الدين پوپلزئي وٽ به وينداسين، فواد چوڌري وٽ سندس وزارت دوران به ويو هيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.