ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ اندر سون جي في تولي قيمت ۾ وڌيڪ 500 رپيا گهٽتائي ٿي وئي آهي.
سنڌ ۾ سونارا ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا گهٽتائي کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ تولي سون جو قدر 1 لک 12 هزار 900 رپيا ٿي ويو آهي.
10 گرام سون جي قيمت 428 رپيا گهٽ ٿي 96 هزار 794 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 16 ڊالر گهٽجي 1839 ڊالر في اونس آهي.