نديم افضل چن جو ڪنهن صورت استعيفيٰ واپس نه وٺڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن استعيفيٰ ڏيندڙ وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار نديم افضل چن ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ واپس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته نديم افضل چن جي استعيفيٰ وزير اعظم کي ملي وئي آحي ۽ هن گاڏي ۽ آفيس سميت ٻيون سرڪاري مراعتون واپس ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب نديم افضل چن ڪنهن صورت ۾ به استعيفيٰ واپس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته نديم افضل چن جو ويجهي ساٿين سان ڳالهه ٻولهه ۾ چوڻ هو ته پارٽي ۾ رهندس پر عهدو نه وٺندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.