پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت اوگرا جي وضاحت اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) چيو آهي ته هن پيٽروليم شين جي اگهن بابت ڪا سمري حڪومت کي ناهي موڪلي.

اوگرا ترجمان جو چوڻ آهي ته ميڊيا تي هلندڙ خبرون اڳڪٿين تي ٻڌل آهن، پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ بابت خبرون ڪوڙيون آهن.

ذريعن جي حوالي سان اِهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته 16 جنوري کان پيٽروليم شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي سگهن ٿيون جنهن جي سفارش اوگرا پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا جي سفارشن تحت پيٽرول 11 رپيا 95 پيسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 57 پيسن تائين في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.