مالي ۾ امن فوجين جي قافلي تي حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا

 

بماڪو (ويب ڊيسڪ) بحران سٽيل آفريقي رياست مالي ۾ گڏيل قومن جي امن فوجين جي هڪ قافلي تي حملي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا.

شروعاتي اطلاعن موجب مارجي ويل ٽنهي فوجين جو واسطو آئيوري ڪوسٽ سان آهي.

گڏيل قومن جي امن فوجين تي لِڪي حملو ويو، جنهن ۾ زخمين فوجين جو انگ 5 ٻڌايو ويو آهي.

اڃا تائين ٽمبڪٽو ۾ ٿيندڙ ان حملي جي ذميواري ڪنهن به گروهه قبول ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.