سام سنگ جو سڀ کان سستو 5 جي فون گليڪسي اي 32

سام سنگ پنهنجي سڀ کان سستو 5 جي فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو اصل ۾ هن جي ڪنهن 4 جي ڊيوائس جي قيمت جو آهي.

گليڪسي اي 32 فائيو جي کي يورپ ۾ وڪري لاءِ پيشڪ ويندو.

سام سنگ فون ۾ موجود پراسيسر جي باري ۾ ته واضح ناهي ڪيو پر اڻ تصديق ٿيل ليڪس موجب گليڪسي اي 32 ڊيمينسٽي 720 پراسيسر موجود آهي.

ڪمپني رڳو اِهو ٻڌايو آهي ته فون ۾ اوڪٽا ڪور 2.0 گيگا هرٽز پراسيسر ڏنو ويو آهي.

هي فون 4، 6 ۽ 8 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج سان گڏ هوندو جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگهجي ٿي.

گليڪسي اي 32 فائيو جي ۾ 6.5 انچن جو ٽي ايف ٽي ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن تي انفٽني وي ڊيزائن نوچ ۾ 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي اندر 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ سنسر سائيڊ تي موجود آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 5 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر ڪيمرائون موجود آهن.

هي فون 4 رنگن ۾ فيبروري جي شروع ۾ صارفن کي ملندو.

ان جي قيمت 280 يورو (54 هزار پاڪستاني رپين کان) کان شروع ٿيندي جيڪا 64 جي بي اسٽوريج واري آهي جڏهن ته 128 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 300 يورو (58 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.