راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 فوجي جوان شهيد جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارتي جي بنا سبب فائرنگ ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي 2 ڳجها آپريشنز ڪيا، جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگرد ۾ ديسي بارودي سرنگهون ٺاهڻ جو ماهر به شامل هو.
دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان به شهيد ٿي ويا.
شهيدن ۾ ڪرڪ جو رهواسي سپاهي ازيب احمد، بنون جو سپاهي ضيا الاسلام ۽ اورڪزئي جي رهواسي لانس نائيڪ عباس خان شامل آهن.
ايل او سي تي سپاهي شهيد:
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي جي ديوا سيڪٽر ۾ سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا سبب فائرنگ ڪئي.
پاڪ فوج جي جوانن جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو جنهن سان ڀارتي فوج کي ڳرو جاني ۽ مالي نقصان رسيو.
پر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گجر خان سان تعلق رکندڙ سپاهي نبيل لياقت شهيد ٿي ويو.