اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ ۾ بجلي بليڪ آئوٽ جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
ڪميٽي نيپرا جي ڊي جي مانيٽرنگ نادر کوسي جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي.
ذريعن موجب ڪميٽي ۾ نيپرا ۽ نجي شعبي جا ماهر شامل آهن ۽ اها ڪميٽي بجلي جي بليڪ آئوٽ جي سببن جو جائزو وٺندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي بجلي جي بليڪ آئوٽ جي ذميوارن جو پتو لڳائيندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون به ڏيندي.
نيپرا جي اها ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.