ايٿوپيا ۾ قهري ڪارروائي، عورتن ۽ ٻارن سميت 80 ڄڻا قتل

 

ايڊس ابابا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ ايٿوپيا ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي خوفناڪ حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 ڄڻا مارجي ويا.

اهو واقعو سوڊان جي سرحد ڀرسان بينشانگول-گوموز علائقي ۾ پيش آيو، جنهن کي قتل عام قرار ڏنو پيو وڃي، مارجي ويلن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن.

واضح رهي ته ان علائقي ۾ ڪيترن ئي نسلن جون اقليتون آباد آهن ۽ انهن نسلي گروهن طرفان هڪٻئي کي نشانو بڻائڻ جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.