قمبر: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو قمبر اسپتال جو اوچتو دورو

قمبر جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سرڪاري اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو جنهن دوران ڊاڪٽرن ۽ عملي ۾ ٿرتلو مچي ويو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمبر زاهد حسين ميتلو سرڪاري اسپتال تي اوچتو ڇاپو هنيو جنهن دوران تيرهن ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون جڏهن ته ٻيو عملو غير حاضر هجڻ تي ميڊيڪل سپريڊنٽ سعيد احمد تنيو مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسپتال جي وارڊن جو دورو ڪيو جنهن دوران  اسپتال ۾ صفائي نه هجڻ او ٽي ۽ ايڪسري مشين خراب هجڻ تي  ايم ايس کي ڇنڊ پٽي ۽ مسٽ رول جي ڪاپي پاڻ سان گڏ کڻائي ويو ۽ ايم ايس کي حڪم جاري ڪيو ته حاضر ڊاڪٽرن ۽ عملي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي ۽ ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ جو جواب ڪورٽ ۾ اچي ڏنو وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.