گلشن اقبال: ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران مچ ڪچهري

سچل ڳوٺ جي پبلڪ لائبريري ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران مچ ڪچهري ٿي جنهن ۾ اديبن، شاعرن، سگھڙن ۽ فنڪارن محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

مچ ڪچهري ۾ اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن نڙبيت، پروليون،ڳجهارتون، ڏور ۽ لوڪ ادب جون ٻيون صنفون ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو  ..

ان موقعي تي ڊي جي ثقافت عبدالعليم، سليم سولنگي، فهيم سهرياڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار جي هدايتن تي شهري علائقن ۾ مچ ڪچهريون ڪوٺائي لوڪ ڏاهپ کي اجاگر ڪريون پيا ته جئين سگهڙن جي عقلمندي واريون ڳالهيون عام ماڻهن تائين پهچي سگهن، هنن چيو ته ثقافت کاتو لوڪ وزڊم کي ٻيهر جيئاري رهيو آهي، ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عابد مظهر، مختيار ابڙي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سگهڙ ٻولي جا سفير توڙي وينجهار هوندا آهن جيڪي خالص ٻولي ٻڌائين ٿا اهڙين ڪچهرين سان ٻولي جي خدمت ڪري سگهجي ٿي .. هنن چيو ته قديمي تاريخ مچ ڪچهري کي ٻيهر روشناس ڪرائڻ تي ثقافت کاتي کي جس هجي …

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.