پاڪ بحريا جي 3 ڪموڊورز جي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا جي ڪموڊور جاويد اقبال، ڪموڊور محمد سهيل ارشد ۽ ڪموڊور سلمان الياس کي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.

پاڪ بحريا جي ترجمان موجب ترقي حاصل ڪندڙ فليگ آفيسر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي اسلام آباد مان فارغ التحصيل آهن ۽ ٽنهي آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي.

ترجمان موجب ايئر ايڊمرل جاويد اقبال پاڪ بحريا جي ويپن انجنيئرنگ برانچ ۾ 1989ع ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن برطانيا سان ڪميونيڪيشن اينڊ اليڪٽريڪل سسٽمز ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

ريئر ايڊمرل محمد سهيل ارشد 1989ع ۾ پاڪستان بحريا جي ويپن انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.

ريئر ايڊمرل  سلمان الياس 1990ع ۾ پاڪستان نيوي جي اڏاوتي برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.

هن برطانيا مان (نيول آرڪيٽيڪچر) ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.