چينلن تي ويهي تبصرو ڪندڙن کي قانون جي خبر ئي ناهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ساهيوال جي سول جج ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ ريمارڪس ڏنا ته جيڪي چينلن تي ويهي تبصرا ڪندا آهن انهن کي قانون جي خبر ئي ناهي.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان سردار فرحت منظور خان چانڊيو ۽ ايڊووڪيٽ محمد شبير حسين جي داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سڄي صوبي جي ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽريز کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس قاسم خان هدايت ڪئي ته پيمرا کان تصديق ڪري رپورٽ ڏيو ته احتجاج ڪندڙ ڪير هئا ۽ چيو ته بينرز کڻندڙ ملازمن جون تصويرون گهرجن.

چيف جسٽس لا افسر کان پڇاڻو ڪيو ته عدليه جي باري ۾ جيڪو لکيو ويو آهي اڇا اُهو درست آهي؟

چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته پتو لڳايو هڪ چينل جي پروگرام ۾ چيو ويو هو ته چماٽ هڻندڙ کي عدليه ۾ سزا ناهي ملندي، هنن جاهلن کي خبر ئي ناهي ته سزا قانون جي تحت ڏني ويندي عدالت پاڻمرادي سزا ناهي ڏيندي.

بعد ۾ هن وڌيڪ چيو ته پيمرا چيئرمين کي طلب ڪيون ٿا هو ان سموري معاملي تي ٻڌائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.