بابر اعظم تي سنگين الزام هڻندڙ عورت جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي عدالت پوليس کي عورت جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج محمد نعيم بابر اعظم تي سنگين الزام هڻندڙ عورت حاميزا مختيار جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت پوليس کي عورت جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهو حساس معاملو آهي، پوليس فوري طور قانون موجب ڪارروائي ڪري.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عورت عدالتي فيصلو کڻي لاڳاپيل ايس ايڇ او وٽ پيش ٿئي.

واضح رهي ته حاميزا نالي عورت قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي الزام هنيو آهي ته هن شادي جو ڏٽو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ان معاملي تي بابر اعظم يا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪو موقف سامهون ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.