نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست خارج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جي آڏو نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حاضري کان ڇوٽ جي دروخواست خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان اِهو ٻڌايو، توهان کي ئي حاضري کيان ڇوٽ ڏئي ڇڏيون ته ڇا اِهو ٻين سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو.

رائو انوار جي وڪيل عامر منسوب ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته حساس ادارن رائو انوار جي سيڪيورٽي بابت رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. منهنجي اصيل کي سخت سيڪيورٽي خدشا آهن.

چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ کي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي هدايت ڏئي ڇڏيون ٿا. توهان جي ان درخواست کي رد ڪيون ٿا. عدالت اپيل منظور ڪري ورتي ۽ درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.