ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا فوت، 33 هزار کان وڌيڪ فعال ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 46 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان وڌي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 574 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ 19 ٽيسٽن جو انگ 72 لک 43 هزار 650 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 970 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 5 لک 11 هزار 921 ٿي ويو آح .

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 30 هزار 718، پنجاب ۾ 1 لک 47 هزار 292، خيبرپختونخواهه ۾ 62 هزار 377، اسلام آباد ۾ 39 هزار 624، بلوچستان ۾ 18 هزار 488، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 540 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 33 هزار 869 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جو حالت ڳڻتي جوڳو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 10 هزار 818 ٿي ويو آحي.

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 284 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.