فيصل واوڊا نااهلي ڪيس: اليڪشن ڪميشن نمائندي کي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي رڪارڊ سان گڏ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ڪئي، جتي اڄ به وفاقي وزير جي وڪيل طرفان عدالت ۾ رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو.

جسٽس عامر فاروق وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو ٻڌائيندئو ته فيصل واوڊا آمريڪي شهري هو، هن شهريت ڪڏهن ختم ڪئي؟ توهان جواب جمع ڪرائڻ کان ڇو لِڄي ٿي رهيا آهيو؟ توهان جي اصيل جو ڪنڊڪٽ درست ناهي، ڪوڙا حلفي بيان جمع ڪرائڻ جا پنهنجا نتيجا آهن.

درخواست گذار جي وڪيل بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته ڪيس ۾ هيل تائين 16 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، اڃا تائين جواب ئي داخل ناهي ڪرايو ويو، ان جو هڪ حل آهي ته فيصل واوڊا کي ذاتي حيثيت ۾ گهرائي پڇيو وڃي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.