اعظم سواتي ريلوي ملازمن جو اوور ٽائم بند ڪري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير اعظم سواتي ملازمن جو اوور ٽائم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پشاور ڪينٽ اسٽيشن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته 50 سال خساري ۾ هلندڙ ريلوي کي منافعي بخش بڻائينداسين پر ريلوي جي ايراضي نه کپائينداسين.

هن چيو ته قبضي مافيا ريلوي آفيسرن ۽ پوليس ذريعي قبضو ڪرائيندي آهي، هاڻ ريلوي ۾ قبضا مافيا کي نه ڇڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته کاتي ۾ اوور ٽائم لاءِ آفيسرن کي رشوت ڏني ويندي آهي، ملازم 70 ڪروڙ اوور ٽائم کڻي رهيا آهن، ريلوي ۾ هاڻ ڪنهن کي اوور ٽائم نه ملندو.

اعظم سواتي موجب 6 مهينن ۾ ريلوي خسارو ختم ڪنداسين، ريلوي يونين هٿان بليڪ ميل نه ٿيندس، هاڻ چور ۽ چوڪيدار جي ڳٺ جوڙ نه هلندي، ملازمن کي ڪچهين جهوپڙين مان ڪڍي هاءِ رائز بلڊنگز ۾ منتقل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.