”ڪلڀوشن ڪيس: وفاق ڀارت کان پڇي ٻڌائي ته هو پيروي چاهي ٿو يا نه“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته وفاق ڀارتي حڪومت کان پڇي ٻڌائي ته هو ڀارتي جاسو ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فارو ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل لارجر بينچ انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي قانون واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه ٻڌايو ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ مصروف آهي، اڄ پيش نٿو ٿي سگهي، چيف جسٽس جي پڃاڻي تي ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته چار ڀارتي قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي، آخري ڀارتي قيدي محمد اسماعيل کي هن مهيني جي 22 تاريخ تي آزاد ڪيو ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا ڀارتي حڪومت ڪلڀوشن ياديو واري ڪيس ۾ سنجيده ناهي؟ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت سان رابطو ڪري ته هو ڪلڀوشن ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه؟ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٽي فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.