سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي نجڪاري خلاف ملازمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

نوابشاهه ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي مرڪزي سڏ تي ملازمن پاران شير محمد نظاماڻي، انور حسين چانڊيو، علي اصغر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، کپري ۾ واپڊا  جي نجڪاري خلاف شوڪت قائمخاني، طيب چنا، ڀڳوان داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيسڪو آفيس کان ريلي ڪڍي شھيد چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو، ساماري ۾ حيسڪو ملازمن نويد قائم خاني، محمد صالح چانڍيو،  ارشد قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊگھڙي ۾ اميرحسن قائمخاني، فيصل حيات قائمخاني، سوائي مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بجلي گهر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊي آدم ۾ به واپڊا جي  نجڪاري خلاف ملازمن عبدالقادر ڪلوئي، عبدالحق ساند، منظور خاصخيلي  ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي غلام اڪبر رند، حاجي جاويد حسين ملڪ، زاهد حسين بوهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊوالهيار ۾ حيسڪو ملازمن پاران سعيد احمد خانزاده ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ به واپڊا جي نجڪاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ وحيد رند، منور علي تارو، شير زمان سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس مڪلي کان ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مٺي ۾ غلام رسول راهمون. نرسو مل. ڪانتيش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، محرابپور ۾ واپڊا ملازمن شاهد حسين سمون، ذوالفقارنانگور، محمداياز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واپڊا جي نجڪاري واري فيصلي کي جلد کان جلد واپس ورتو وڃي، ھنن چيو ته ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ ڪچن ملازمن کي پيپڪو جي پاليسي تحت پڪو ڪيو وڃي، ملازمن جو چوڻ جو ته واپڊا کي پرائيويٽ ڪرڻ ۽ نجڪاري وارو عمل فوري طور تي رد ڪري پورهيتن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.