ٽنڊوآدم جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪورٽ جي جج قاضي عبدلحڪيم جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار عطا محمد سولنگي کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جوبدار 2 سال اڳ ڄام نواز علي ۾ موسا سولنگي کي پسٽل جي فائر ڪري قتل ڪيو هو جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد سينٽر جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو