عدالت نعيم بخاري کي پي ٽي وي چيئرمين طور ڪم کان روڪي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نعيم بخاري کي پي ٽي وي چيئرمين طور ڪم کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نعيم بخاري جي پي ٽي وي چيئرمين طور مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطلاعات واري وزارت جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي؟ جنهن تي نمائندي جواب ڏنو ته جي سر، عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس پڇيو ته عمر جي حد ۾ نرمي لاءِ توهان سبب ڪهڙو لکيو آهي؟ جنهن تي نمائندي چيو ته اسان لکيو آهي نعيم بخاري ان عهدي جي قابل آهي، کيس گهڻو تجربو آهي ۽ هڪ سمري 13، ٻي 26 نومبر تي موڪلي وئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نه ڪابينا واضح طور عمر جي ريليڪسيشن جو ڪو فيصلو ڪيو، نه توهان صحيح سمري موڪلي، توهان سمري موڪليندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت پورشن نه پڙهيو، جڏهن توهان فيصلو پڙهڻ بنا سمري ڪابينا کي موڪليندئو ته ڪابينا کي به شرمندو ڪندئو.

عدالت چيو ته اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي چيئرمين جي مقرري جي مجاز ناهي، سپريم ڪورٽ واضح لکيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن کي چيئرمين نٿي بڻائي سگهي، پگهار وٺو يا نه اها الڳ ڳالهه آهي، طريقي ڪار جي باري ۾ ٻڌايو، توهان پاڻ ئي نعيم بخاري کي چيئرمين مقرر ڪري سمري ڪابينا کي موڪلي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نعيم بخاري کي پي ٽي وي چيئرمين طور ڪم کان روڪيندي چيو ته اسان اهو معاملو وفاقي ڪابينا کي موڪلي رهيا آهيون، اهي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڏسن، نعيم بخاري صاحب اسان لاءِ احترام لائق آهي پر ڪير قانون کان مٿانهون ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.